بيگ بين

بيگ بين

بگ بين

بگ بين (Big Ben ):لنڊن جو مشهور ۽ تاريخي گھڙيال، جيڪو پارليامينٽ هائوس لنڊن ۾ سن 1856ع ۾ نصب ڪيو ويو. هن گھڙيال جي ڊائل جو قطر 12 فوٽ آهي. ان جي وڏي سئيءَ جي ڊيگھه 11 فوٽ آهي. هي گھڙيال 31 مئي 1859ع تي چالو ٿيو. هي گهڙيال ڪجهه عرصو بند رهيو. باقي سڄو عرصو اڄ تائين مسلسل هلي رهيو آهي. هيءُ گھڙيال جنهن ٽاور ۾ نصب ٿيل آهي، ان جي ڊيگهه 316 فوٽ آهي. لنڊن جا ماڻهو پنهنجي واچن ۽ گھڙيالن جو وقت، بگ بين جي ٽائيم سان ڀيٽيندا آهن. هي گهڙيال سڄي رات روشن رهندو آهي. ٻيءَ عالمي جنگ دوران، لنڊن تي بمباريءَ وقت هن گهڙيال کي ڪجهه نقصان به پهتو هو، بگ بين کي دنيا جي عجوبن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.


لفظ بگ بينھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو